موکي پبليڪيشن جو پھريو ڪتاب ”نہ اُھي وڻ نہ واھيرا“ ڊجيٽل آن لائين ويب سائيٽ ”سنڌ سلامت بڪ“ جي ويب سائيٽ تي پي ڊي ايف فائيل ۾ موجود آھي. ھي ڪتاب ڳوٺ بجراڻي لغاري تعلقي موري بابت يادگيرين تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب جو ليکڪ منظور حسين لغاري آھي.
اسان جي اھا خواھش آھي تہ سنڌ جي ھر شھر، وستي ۽ واھڻ جي تاريخ لکي وڃي. اتان جي ريتن، رسمن، رواجن، اتي رھندڙ ماڻھن جي ڪرت، ذاتين، اتان جي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ڳالھين جو ذڪر ڪتابي صورت ۾ ھجي. ھن ڪتاب ۾ ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقي موري جو تعارف، مذهبي رسمون، معاشي زندگي، سماجي زندگي، اتي رھندڙ ذاتين، ڪچهرين، راندين ۽ شڪار وغيرہ بابت يادگيريون سھيڙيل آھن.
ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ، لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل مھراڻ سنڌيءَ ڪئي آھي.