موکي پبليڪيشن ”سنڌي ظفر“ جي
وڇوڙي تي لکيل تاثراتي مضمونن ۽ يادن کي سھيڙي ڪتابي مجموعو جي شڪل ڏني وئي آھي. جنھن کي
مھراڻ سنڌي پاران سھيڙيو ويو آھي.
سنڌ ۾ چند اھڙا ماڻھو رھيا
آھن، جن جي وڇوڙي کانپوءِ سندن ڪيل ادبي ۽ سياسي پورھئي ۽ ساڻن جڙيل يادن تي لکيل
تحريرون ڇپرائي ڪتابي صورت ۾ آنديون ويون آھن. ٻيا اھي ماڻھو آھن جن جو ادبي
پورھيو توڙي ياد ۾ لکيل مواد مرڻ کان پوءِ مالڪي نہ ھئڻ سبب رُلي، سڙي ۽ لڙھي وڃي
ٿو.
اسين سمجھون ٿا تہ آدرشي انسانن جي علم، عقل، ڏاھپ
۽ احساس کي سمجھي وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪري سگھجي ٿي. ”سنڌي ظفر“ پڻ انھن
آدرشي انسانن منجھان ھو، جنھن پنھنجي سموري ڄمار وطن، ڌرتيءَ ۽ قوم لاءِ وقف ڪئي.
سنڌي ظفر حياتي ۾ پنھنجا ڇھ ڪتاب ڇپرايا. سندس وڇوڙي کان پوءِ يادن، تاثرن ۽
مضمونن کي سھيڙي ھي ڪتاب آندو ويو آھي، جيڪو ڪم ڏاڍو سگھارو ۽ وزنائتو آھي.
اسان پُراميد آھيون تہ ھن ڪتاب جي پذيرائي کان پوءِ سنڌي ظفر جي اڻ ڇپيل مواد سان گڏ سنڌ جي ساڃاھ وندن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪتاب اوھان جي ھٿن تائين پھچائينداسين.

