آڪٽوبر 1917ع روس انقلاب
انساني جدوجهد جو تايخ ساز انقلاب آھي. ان جي ڏيھي ۽ پرڏيھي حڪمت عملين جي وضاحت
ڪامريڊ جوزف اسٽالن پنھنجي ڪتابَ On The Road To October ۾ ڏني آھي. جنھن جو سنڌي ترجمو سردار ٻرڙي
”آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ حڪمت عمليون“ نالي سان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪُل چار باب
آھن. جنھن ۾ ڪامريڊ اسٽالن روس انقلاب جي بالشويڪن طرفان اختيار ڪيل ڏيھي/پرڏيھي
حڪمت عملين سان گڏوگڏ ليون ٽراٽسڪي جي تنقيدن جا لينن جي تحريرن/تقريرن مان جواب
ڏنا آھن ۽ ھاري-مزدور مشترڪہ جدوجهد کي زبردست انداز ۾ سولو
ڪري پيش ڪيو آھي. ڪتاب جو آخري حصو ڪامريڊ اسٽالن سان آمريڪا جي پورھيت وفد ۽
انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي جي وفد سان ”ڳالھ ٻولھ“ تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب ۾ آڪٽوبر
انقلاب دوران روسي ڪميونسٽن جي حڪمت عملين، انقلاب جي شروعاتي مرحلن، انقلاب جي
اھم خاصيتن ۽ لازمي شرطن جي نقطن تي پڻ زور ڏنل آھي. ھن ڪتاب ۾ لينن طرفان مارڪسزم
جي واڌاري تي اسٽالن جي ڪيل مختلف پاسن کان ڳالھ ٻولھ مان فڪري معلومات ملي ٿي
آھي. ھڪ سئو صفحن تي مشتمل آھي.

