اسان اھو ٻڌائيندي سُرھائي محسوس ڪري رھيا آھيون تہ
”موکي پبليڪيشن مورو ۽ ھالار پرنٽرز اينڊ پبلشرز دولتپور“ جي گڏيل ڪاوش سان اسان
جي ساٿي نوجوان ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ سنڌيڪار سردار ٻرڙي پاران دنيا جي مڃيل ترقي
پسند، عورتواد ۽ مظلوم طبقن جي محسن ليکڪا ارون ڌتي راءِ (مئن بوڪر پرائيز ليکڪا)
جي مشھور ڪتابَ (Freedom, Fascism, Fiction) Azadi جو سنڌي ترجمو ”آزادي: فريڊم.
فاشزم. فڪشن“ ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ آھي.
ھن وقت سنڌ کي دنيا جي جديد ادبي لاڙن، رجحان،
سياسي ترقي پسند ۽ ادبي تحريڪ سان لاڳاپيل جديد اسڪولز آف ٿاٽ سان روشناس ڪرائڻ ۽
سنڌ ۾ جديد علمن، فڪرن، نظرين، ظالم ۽ مظلوم، محڪوم ۽ ملزم، آزاد ۽ غلام،
سرمائيداري ۽ سماجوادي سلسلن جي جديد رُخن ۽ پرڏيھي پاڙيسري خطن جي زميني حقيقتن
سان روشناس ڪرائڻ ۽ انھيءَ ڏَسَ ۾ سنڌي سماج کي پنھنجي مَن ۾ جَھاتِي پائڻ جي ھلچل
پيدا ڪري ڪا جوڳي وِکَ کڻڻ جي ضرورت آھي، اھو پڻ ضروري آھي تہ سنڌي سماج عالمگير
تحريڪن جي لَھَرن کي نظر ۾ رکندو ھجي.

