اسان جي ڪوشش آھي تہ عالمي ادب جون مشھور لکڻيون سنڌي ويس ۾ آڻيون. ھي ڪتابُ ميڪسيڪن ليکڪ ڊان ميگوئل روئيز جي ٽالٽڪ روايتن واري علمي سلسلي مان مشھور ڪتاب "Four Agreements" جو سنڌي ترجمو سردار ٻرڙي ڪيو آھي. ان کان اڳ سندس ٽي ترجما ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ھِتي (ايشيا سميت سموري دنيا ۾ پڻ) رومي، ٻُڌ، شيخ سعدي، ڀڳتي روايتن سميت وتايي فقير جي ڏنل فلسفہِ حيات ۽ ٻين کوڙ سارن روحاني، روايتي، ثقافتي علمن ۽ ڏاھپن تي بہ جَھجھو ڪم ٿيو آھي. اھڙيون روحاني ۽ انفرادي روايتون جن روحاني علم، ڏاھپ ذريعي سماجي خاڪا تشڪيل ٿي ڏنا تِن جي عالمي افاديت ڪھڙي آھي ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ اھڙيون روايتون ڪيئن ھيون، اچو تہ ٽالٽڪ جي ڏاھپ جو اڀياس ڪريون ۽ ٽالٽيڪي ڏاھپ کي سمجھون.
موکي پبليڪيشن پنھنجي وِتَ ۽ وَسَ آھَر سنڌ ۾ جديد ۽ آڳاٽن فڪرن جي پکيڙ لاءِ ڪوشان آھي. اميد ڪجي ٿي تہ سنڌي ڪتابن جي ڇاپ ۾ ھڪ کان ھڪ سٺا معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا.

