عورت ـ رمشا ڀنڀرو ـ موکي پبليڪيشن ـ 07

فيمنزم پڻ عقل، ڏاھپ، فڪر ۽ دانش جو دَڳُ آھي، جيڪو گھَڻ رُخي سماجن (غلام داراڻن ۽ طبقاتي) سماجن مَنجھ پنھنجي بنيادي ھلچل کان وَٺِي ڇِتِي تنقيد جي نشاني تي رھيو آھي. سمن دي بووار چوي ٿي تہ: ”عورت جي آزاديءَ کان سواءِ ڪوئي انقلاب ”انقلاب“ ناھي، ۽ انقلاب کان سواءِ عورتن جي آزادي ”آزادي“ ناھي.“

پدر شاھي سماج ۾ جتي عورت بغير اُجوري جي گھرو پورھيو ڪري ٿي، اتي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون جيڪڏھن نوڪري ڪن بہ ٿيون تہ اتي بہ سندن استحصال ٿيئي ٿو. ھي ناريواد لکڻيون انھن مڙني صنفي مسئلن جي نشاندهي ڪن ٿيون جن کي اڄ جي عورت منھن ڏيئي ٿي.
اھڙي سماج ۾ عورت انفرادي توڻي اجتماعي طور نہ ترقي ڪري سگھندي نہ ئي سندس ڪردار سازي ٿي سگھندي.

ھن ڪتاب ۾ چونڊ ناريوادي لکڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ترتيب ڏنيون ويون آھن. رمشا ڀنڀرو جو ھي پھريون ڪتاب آھي، ”ريڊنگ شيڊ جي فڪري تعليمي“ سلسلي ھيٺ موکي پبليڪيشن ھي ڪتاب پڌرو ڪيو آھي.

Previous Post Next Post