سونھن ۽ ساڃاھ ـ رياض ڪلھوڙو ـ موکي پبليڪيشن ـ 09

سونھن ۽ ساڃاھ جو ليکڪ محترم رياض ڪلھوڙو نوجوان محقق ۽ نقاد آھي، پاڻ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان، ڊاڪٽر مھر خادم جي نگرانيءَ ھيٺ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ۾ لکيل مقدمن جو اڀياس تي تحقيقي مقالو لکي ايم.فل جي سندَ حاصل ڪئي اٿائين. ھي ڪتاب سونھن ۽ ساڃاھ کان اول سندس ٻہ ڪتاب لوچي لڌم لال ۽ پچار پرينءَ جي ڇپجي چڪا آھن.

سونھن ۽ ساڃاھ ۾ پاڻ سنڌ جي ناميارن اديبن، شاعرن ڏاھن جھڙوڪ عثمان ڏيپلائي، آغا سليم، مير عبدالرسول مير، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، انجنيئر عبدالوھاب سھتي ۽ ٻين جي ڪم ۽ ادبي خدمتن تي تفصيلي مضمون لکيا اٿائين، ان کان علاوہ مختلف ڪتابن تي تجزياتي، تنقيدي ۽ اڀياسي تبصرا پڻ لکيا اٿائين.

نامياري ليکڪ ۽ نقاد خليق ٻگھيي صاحب ھن ڪتاب بابت لکيو آھي تہ: هِن قِسم جا ڪتاب تاريخ ۽ ادب جي نَون شاگردن جي لاءِ يقينن قيمتي ڪتاب ٿين ٿا.“

موکي پبليڪيشن پاران ھي نائون ڪتاب ڇپجي چڪو آھي. اسان اھو ٻڌائيندي سرھائي محسوس ڪريون ٿا تہ موکي ڪتابن جي وڪري کان ويندي ڪتابن جي ڇپائي ۽ پنھنجي اڳتي جي مشن تي بھتريءَ جي اميد سان وکون کڻي رھي آھي.

Previous Post Next Post