ڪائنات جي ڪھاڻي (فلڪيات) ـ رضا دل ـ موکي پبليڪيشن

موکي پبليڪيشن پنھنجي وِت ۽ وَس آھر سنڌ ۾ لکپڙھہ جي وسيع پکيڙ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي. اسان جو مقصد سنڌ ۾ جديد علمي ۽ فڪري لاڙن، سائنسي، سماجي علمن ذريعي نوجوانن ۾ لکپڙھہ جو رجحان پيدا ڪرڻ آھي.

سنڌ ۾ فلڪيات جو علم اسان جي لوڪ ڏاھپ توڻي ڏند ڪٿا جو حصو رھيو آھي، اسان جا وڏڙا نکٽ يا ٻين تارن جي آڌار تي وقت ٻڌائيندا ھيا، يا آسمان ڏانھن نھاري ٻيون کوڙ پيشنگوئيون پڻ ڪندا ھيا.
سنڌ ۾ ستارن جو علم لکپڙھ جي بنيادن تي پنھنجا پير مضبوط ناھي ڪري سگھيو. سنڌ ۾ جن بہ سائنسي علمن جي کوٽ محسوس ٿي رھي آھي، ادارو انھن موضوعن تي ڪتاب ڇپڻ کان ويندي انھن موضوعن تي سيشن ۽ ليڪچر پروگرام ڪرڻ جي خواھش رکي ٿو.

اسان محترم رضا دل جا تھہ دل سان ٿورائتا آھيون، جنھن اسان تي اعتماد ڪندي، سمورو مواد موڪلي ڏنو.
ھي ڪتاب ڪائنات جي ڪهاڻي فلڪيات جي علم ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن کي بنيادي ڄاڻ ڏيندو. ڪائنات جي ڪهاڻي ۾ انھن سمورن ستارن، ڪھڪشائن ۽ ڪائناتي فاصلن کان ويندي مختلف فلڪي لقائن ۽ مظھرن تي تصويرن سان گڏ، روشني وڌل آھي. ان ڳالھ ۾ ڪو بہ وڌاءَ ناھي تہ جديد سائنسي سنڌ جا بنياد رکڻ ۾ پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو. ڪتاب جو خالق محترم سائين رضا دل ٽيلي اسڪوپ پڻ ٺاھيندو آھي، پاڻ جيڪي ٽيلي اسڪوپ ٺاھيو اٿس، انھن جون تصويرون پڻ ڪتاب ۾ ڏنل آھن.



Previous Post Next Post