آفتاب انقلاب ـ موھن ڪلپنا ـ موکي پبليڪيشن

آفتاب انقلاب هي ڪتاب پرچي وڌيارٿيءَ جي زندگيءَ تي لکيو ويو آهي، جنهن جو ليکڪ موهن ڪلپنا آهي. هي ڪتاب نومبر 2023ع ۾ موکي پبليڪيشن پاران شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ احمد شاڪر لکيو آهي، جنهن جون ڪجھ سٽون هيٺ پيش ڪجن ٿيون:

توھان دنيا جي انقلابين جون آتم ڪٿائون پڙھو يا انھن بابت لکيل ڪتابَ پڙھو انهن مان ڪي تہ ضخيم ڪتابَ آهن پر گھڻي ڀاڱي اوھان کي بنھہ مختصر ملندا. ان جو اھو ئي سبب ھوندو آھي جو ھڪ انقلابي جو اولين فرض يا حدف پنھنجو مقصد ھوندو آھي ۽ اھو چاھيندو ئي اھو آھي تہ منھنجو نالو ڪنھن اخبار جي زينت نہ بڻجي ۽ نہ ئي وري منھنجي ناماچاري ٿئي. پرچو وڌيارٿي پڻ ھڪ انقلابي ھو جنھن سدائين سچائيءَ سان پنھنجي مقصد ڏانهن ڌيان ڏنو ھو. موھن ڪلپنا سندس جيون ڪٿا تي ھي ڪتاب ”آفتابِ انقلاب“ لکي ڪري اسان جي لاءِ ھڪ واٽ جي نشاندهي ڪئي آهي تہ جيئن اسان ان واٽ تي اڳتي هلي ڪري نہ رڳو پرچو وڌيارٿي بابت پر ان جي تنظيم ۽ ھزارين ٻين انقلابي ساٿين بابت ڄاڻي سگھون.“


Previous Post Next Post