اسان وٽ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول کي ”ڪئمپس ناول“ چيو وڃي ٿو، پر اسان جو مڃڻ اھو آھي تہ جنھن
ناول جو مک ڪردار فيڪلٽي ميمبر ناھي ان ناول کي ”ورسٽي ناول“ چئجي ٿو. جڏھن تہ جنھن ناول جو مرڪزي ڪردار فيڪلٽي ميمبر ھجي ان ناول کي ”ڪئمپس ناول“ سڏيو وڃي ٿو. پر ٻنھي قسمن جي ناولن جو
ماحول/پسمنظر يونيورسٽي ھوندو آھي.
سنڌ ۾ جيڪا صنف تيزي سان لکجي رھي آھي، ان ۾ ناول سرفهرست آھي ۽
انھيءَ صِف ۾ اسان جو نوجوان دوست ھمٿ جکراڻي پڻ شامل ٿي ويو آھي. نول ”تون...“ ھمٿ جکراڻي جو پھريون ناول آھي، جيڪو شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي ڪھاڻي کڻي آيو آھي. نوجوان ليکڪ ھمٿ جکراڻي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾
بين الاقوامي تعلقات (IR) شعبي جي آخري سال جو شاگرد آھي ۽ گڏوگڏ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ جو سرگرم عھديدار پڻ آھي.
ناول ”تون...“ جديديت پڄاڻان جي دور ۾ تعليمي ادارن ۽ سماجي بيھڪ جي زبردست
عڪاسي ڪري ٿو ۽ ڪھاڻيءَ جا ڪردار ھوبھو ادارن ۾ اداس، نراس ۽ اميد ۽ پراميد واري
ڪشمڪش ۾ جيئندا ۽ اتساھ ماڻيندا رھن ٿا.
ناول نگار جو ڪمال اھو بہ آھي، اڻ اظھاريل پيار جي سَڌ ۽
پيڙاءَ، ۽ ان سموري ورسٽي ماحول جي لقائن ۽ حرڪتن کي وڏي مھارت سان چٽيو آھي.
ھي ناول صرف ”تون...“ ناھي تون... بہ آھي تہ ”مان...“ بہ آھي ۽ ائين ھي ناول اسان جي اندر جي ان احساس کي جاڳائي ٿو،
جنھن ۾ اسان جا پريم، پنڌ، اميدون ۽ آدرش جاڳن ٿا.
ھي ناول يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ تعليمي، تدريسي، سماجي ۽
اڻبرابريءَ واري بيھڪ ۽ نظام جي پيدا ڪيل حالتن تي سوال بہ اٿاري ٿو تہ جواب بہ ڏيئي ٿو.
اسان اھو ٻڌائيندي سرھائي محسوس ڪريون ٿا تہ اسان پنھنجي مقصد
(نون ليکڪن کي اڳتي آڻڻ) ۾ ڪامياب ويا آھيون.

