عالمي افسانوي ادب پڙھندڙن لاءِ صادق ھدايت جو نالو ڳجھو ڪونھي.
ھو فارسي ادب جو اھو نانءُ آھي جنھن گذريل اڻويھين صديءَ ۾ پنھنجي ڪھاڻين، ناولن،
ناٽڪن، توڙي مزاحيا مضمونن ذريعي وڏي مڃتا ماڻي. سندس ڪتاب دنيا جي سڌريل ٻولين ۾
ترجما ٿي چڪا آھن. 1937ع ڌاري سندس ناول ”بوف ڪور“ (The Blind Owl) شايع ٿيو. جيڪو ترت ئي فارسيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽
عالمي مڃتا ماڻيائين.
ھي ناول (The Blind OWl) اَنڌو چِٻرو شَھر فَارسُ جي پسمنظر ۾ لکيل آھي، ھي ناول فارسي
سماج، آرٽ، ذھنيت ۽ سماجي بيھڪ سان گڏ ڪلچر کان ويندي، فارسي ريتن، رسمن ۽ روايتن
جي عڪاسي ڪري ٿو. ”بوف ڪور“ جو انگريزي ترجمو ڊي. پي ڪاسٽيلو ڪيو آھي، جنھن کي سنڌ جي ناليواري ليکڪ، استاد ۽
سنڌيڪار اياز ڀُٽي ”اَنڌو چٻرو“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ جو ويس پارايو آھي.
موکي پبليڪيشن پاران ھي ڪتاب اوھان لاءِ پيش ڪجي ٿو.
ادارو پنھنجي وس آھر پرڏيھي توڙي ڏيھي ٻوليءَ جو شَاھَڪارُ ادب
ڇپي پڌرو ڪندو رھندو.

