لفظ ”پوئٽڪس“ يوناني ٻوليءَ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ ”شاعريءَ جو فن“ آهي. ارسطو جو ھي ڪتاب ادب ۾
پھريون تنقيد جو ڪتاب آھي. سموري دنيا جي اندر جنهن بہ ٻوليءَ ۾ لِکيو يا پڙھيو وڃي ٿو، تن ٻولين ۾ ھي ڪتاب ترجمو ٿي
چُڪو آھي. جيسين تائين ٻوليون زندہ آھن، پڙھيو ۽
لکيو ويندو تيسين تائين ارسطو جي ھن ڪتاب جي اھميت رھندي.
نوجوان ليکڪ، شاعر، ناول نگار ۽ سنڌيڪار احمد شاڪر ھن ڪتاب کي ڇھ سال اول سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو، ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو پوپٽ پبليڪيشن پاران 2018ع ۾ شايع ٿيو ھو. جيئن تہ اھڙن تاريخي ڪتابن جي اھميت ھر دور ۾ رھي آھي، توڙي جو ھن ڪتاب جا سنڌيءَ ۾ ٻيا ترجما پڻ ٿيا آھن پر پوءِ بہ ھي ڪتاب ادب جي شاگردن لاءِ سدائين اڻلڀ رھيو آھي. اداري ان کوٽ کي محسوس ڪندي، ڪتاب جو ٻيو ڇاپو موکي پبليڪيشن طرفان ”ڪوتا جِي ڪَلا“ ڇپي پڌرو ڪيو آھي.

