ناريواد تحريڪ ۽ فلسفياڻا رُجحان ـ انوراڌا گانڌي ـ شھريار ڪيريو ـ موکي پبليڪيشن

جيئن جيئن سرمائيداراڻي نظام جي اوسر ٿي تيئن تيئن مختلف فڪري لاڙن پڻ ڪر کنيو. ناريواد تحريڪ پڻ انھن لاڙن مان ھڪ آھي. جنھن جي شروعات تہ کڻي ووٽ جي حق کان ٿي پر صرف ووٽ تائين محدود نہ رھي. ھي فڪري لاڙو اوسر ڪري ان سوال جي ڳولا ۾ نڪري پيو تہ آخر عورت جي استحصال جون پاڙون ڪٿي کُتل آھن؟ نہ صرف ايترو پر ناريواد لاڙي ۾ مختلف فلسفياڻا رجحانَ پڻ پروان چڙھيا. ان سموري پس منظر جي پيرائتي تاريخ انوراڌا گانڌي سندس ڪتاب: ناريواد تحريڪ ۾ فلسفاڻا رجحاناندر چٽي نموني ڪئي آھي.

ناريواد تحريڪ ۾ فلسفياڻا رجحان مختلف فلسفاڻن فڪرن جھڙوڪ، لبرل، ريڊيڪل ناريواد، انارڪا ناريواد، ماحولياتي ناريواد، سوشلسٽ ناريواد ۽ مابعدجديديت ناريواد رجحانن جي پيرائتي تاريخ ۽ انھن فڪرن جي کوٽن ۽ خامين تي تنقيدي ڪتاب آھي.

شھريار ڪيريو سياسي شاگرد ۽ ترقي پسند نوجوان آھي. ھن پھرين ترجمي واري پورھئي سان ڀرپور نڀاءُ ڪرڻ تي کيس جس ڏجي ٿو. اميد تہ اڳتي بہ بھترين ترجما/تخليقي ادبي پورھيا سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڏيندو.


Previous Post Next Post