محبتي ملاح جو اصل نالو الله ڏنو ولد بخشل ملاح
آهي. پاڻ 01 اپريل 1962ع تي ڳوٺ صالح پور ويجهو ڏيپارجا، تعلقو
مورو، ضلعو نوشهرو فيروز، سنڌ ۾ ڄائو.
محبتي ملاح 1985ع ۾ سائين راشد مورائي جي رهنمائي
هيٺ لکڻ شروع ڪيو. محبتي ملاح جي شاعري وقت بوقت مهراڻ، برسات، عوامي آواز، صبح،
جيجل، عبرت، ڪوشش، سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. ان کان سواءِ،
سندس شاعري سنڌي رسالن جهڙوڪ ساڃاھ، نئين زندگي، ڪوشش مڊويڪ ميگزين، پيغام، پپوٽ،
جيئاپو ۽ ٻين ۾ پڻ ڇپجندي رهي آهي۔
محبتي ملاح ڪا ڇپيل ڪتاب ”ڏيپارجا (ثقافت ۽
تاريخ)“، ”تنهنجي خوشبوءَ آئي هوا مان (شاعري)“ ۽ ”اُڏاڻا خيال جا پوپٽ
(شاعري)“ جو موکي پبليڪيشن طرفان ڇپيو ويو آھي.

