چمڪندڙ وجود (ناول) ـ جان فوسي ـ عبدالڪريم چنا ـ موکي پبليڪيشن

موکي پبليڪيشن، ترقي پسند ادب جي ترجمان طور، شروع کان ئي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪندي آئي آهي ۽ پڙهندڙن کي عالمي ادب سان لاڳاپيل رکڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي.

ادارو وڏي خوشي ۽ فخر سان اھو اعلان ڪري ٿو تہ سال 2023ع ۾ نوبل انعام يافتہ ليکڪ يون فوسا جي ناول “A Shinning” جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو آهي۔

نوبيل انعام يافتہ ليکڪ يون فوسا جي ڪنهن بہ تخليق جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ۽ اشاعت پاڪستان جي سڀني ٻولين کان اڳ ڪرڻ اسان لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھ آهي، ۽

عبدالڪريم چنا ناول جو خوبصورت، نفيس ۽ سليس سنڌي ۾ ترجمو پيش ڪيو۔ ھن ناول جو ترجمو تيزيءَ سان مڪمل ڪري پبليڪيشن جي وڏي مدد ڪئي آھي.

 هي ناول سندس ترجميداري جي ٽين ڪتاب طور سامهون آيو آهي۔ عبدالڪريم چنه هن ناول جو ترجمو تيزيءَ سان مڪمل ڪري پبليڪيشن جي وڏي مدد ڪئي آهي۔

هن ترجمي وسيلي پڙهندڙ موجوده دور جي عالمي ادب جي اسلوب، فن ۽ فڪر جو مزو ماڻيندا ۽ سنڌي ادب کي به عالمي ادب سان گڏ رکڻ جو موقعو ملندو۔ ادارو اميد رکي ٿو ته هي ترجمو پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ سنڌي فڪشن ۽ ناول نگاري ڪندڙ نون تخليقڪارن لاءِ نيون راهون پڻ هموار ڪندو۔


Previous Post Next Post