جديديت پُڄاڻان ۽ بيٺڪيت پُڄاڻان ـ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ـ موکي پبليڪيشن

اسان وٽ اڃان تائين بک جو سرٽيفڪيٽ تہ آھي پر اٽي جي گارنٽي نہ آھي. موت جي ڇانوَ تہ آھي پر زندگي اوپري آھي، جياپي جا ڪڏھن ڪڏھن وسندڙ ڪڪر بہ ناھن. موت جو پروانو تہ جلد ملي سگھي ٿو پر يونين ڪائونسل کان رشوت ۽ غلامي کانسواءِ ڄم جو سرٽيفڪيٽ نٿو ملي، انصاف جو لفظ کوکلو ٿي ويو آھي.

ھي ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ جو پھريون ڪتاب آھي، جنھن جو پھريون ڇاپو 2011ع ۾ ڇپيو ھو ۽ ھاڻ ڳپل عرصي کان مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ ٿي چڪو آھي، ھن ڪتاب جي ضرورت محسوس ڪندي ادارو ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو آھي. ھن ڪتاب کان علاوہ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري جا ٻيا چار ڪتاب پڻ لکيل آھن. سندس تنقيد، نظرين، لاڙن ۽ رجحانن تي ڀلوڙ ڪم ٿيل آھي.


Previous Post Next Post