نجم الدين سرھيو، جنھن جو ادبي
نالو نجم سرھيو آھي، سندس والد جو نالو شمس الدين سرھيو آھي. نجم سرھيو جو جنم 11
اپريل 1967ع تي ڏيپارجا، تعلقو مورو، سنڌ ۾ ٿيو. هو سنڌي ادب جو
نامور شاعر آھي، جنھن پنهنجي شاعريءَ وسيلي درد، احساس ۽ زندگيءَ جي داخلي ڪيفيتن
کي خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو آھي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ اُنجايل خواب (شاعري) –
2012ع، دردن جون تصويرون (شاعري) – 2013ع ۽ ٽيون ڪتاب دل جزيرو درد جو (شاعري) جيڪو موکي پبليڪيشن طرفان شايع
ڪيو ويو آھي. ھي ڪتاب صرف بيتن تي مشتمل آھي.

