ٿنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول) ـ انل بروي ـ ننگر چنا ـ موکي پبليڪيشن


اولھ بنگال جي ھڪ ڳوٺ جو نالو نڪسل باڙي/واڙي آھي، ان ڳوٺ مان ئي 1960ع ۾ ھندستان جي وڏي ۾ وڏي پُرتشدد ڪميونسٽ تحريڪ جي شروعات ٿي. نڪسل واڙي تحريڪ جا بانيڪار چارو مجمدار ۽ ڪانو سانيال مائوازم کان متاثر ھيا. ان ڪري نڪسل واد کي مائو واد پڻ سڏيو وڃي ٿو.
مراٺي ادب ۽ صحافت ۾ اَنل بروي جو نالو ڪنھن تعارف جو محتاج ڪونھي، ھن 60 جي ڏهاڪي کان پوءِ صحافت سان گڏوگڏ، ناول، ڪهاڻي ۽ ڊرامي ۾ وڏو نالو ڪمايو. سندس وابستگي کاٻي ڌُر سان رھي.

ھونءَ تہ سندس صحافتي رپورٽون ۽ ٻيا کوڙ ناول مشھور اٿس، پر ستر جي ڏهاڪي ۾ سندس لکيل ناول ٿينڪ يُو مسٽر گيلارڊ وڏي مڃتا ماڻي. اَنِل پاڻ تہ پنجاھ ورھين جي ڄمار ۾ ھيءَ دنيا ڇڏي ويو پر سندس ناول دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو.

اَنِل جي ھن ناول جي ڪهاڻي ھڪ نڪسلي قيديءَ جي ڪهاڻي آھي، جنھن کي موت جي سزا ٻڌايل آھي. ھُو جيل ۾ جيل آفيسر گيلارڊ، جيڪو پنھنجي روين ۾ سخت گير آھي، ان کي پنھنجي آدرش واديت ۽ نظريي جي سگھ سان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿو.

هيءُ ناول ڦاسيءَ جي سزا واري ڏينھن تائين هڪ انقلابيءَ جي سورهيائي جي ڪٿا آهي. پڙهندڙ جي لڱن مان سيسراٽ ڪڍرائي ڇڏيندڙُ ھيءُ مراٺي ناول ناليواري سنڌيڪار ننگر چنا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي.

اسان پراميد آھيون تہ پوري دنيا ۾ جيڪي جيڪي ٻوليون پڙھيون ۽ لِکيون وڃن ٿيون، اسان انھن سمورن ٻولين جو ادب چونڊي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو جھولي ڀرينداسين.

 

Previous Post Next Post